سنڌ، تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڇو؟

تحرير:برڪت شيخ

تعليم ٻارن لاءِ اهم آهي. ٻار اسان جو مستقبل آهن. ترقي جي مرحلن ۾ ان تعليم جو هجڻ لازمي آهي.اهو ئي وقت آهي. ٻارن لاءِ سماجي ۽ ذهني مهارتون سکڻ  جو جيڪي مستقبل ۾ اهم ثابت ٿينديون آهن. تعليم ٻارن کي اهم دريافت ڪرڻ ۽ انهن کي منفرد موقعو فراهم ڪرڻ ۽ تحقيق ڪري سچ کي ثابت ڪري ڏيکارڻ ۾ تعليم اهم  جو ڪردار آهي. هن تعليمي جاکوڙ ئي انسان کي چنڊ تي پهچائي ڇڏيو آهي. پر اسان وٽ تعليم جي ميدان ۾ سهولتون بلڪل نه هجڻ برابر آهن. هر خاندان جا پنهنجا مسئلا ۽ مجبوريون آهن ڪو شاهوڪار آهي ته ڪو غريب، پر تعليم ٻنهي طبقن لاءِ ضروري آهي.

سنڌ صوبي ۾ تعليم جي شرح بهتر ڪونه آهي. اسان پنجاب کان تعليم جي شعبي ۾ گهڻو پوئتي آهي.سنڌ ۾ هزارين بند پيل اسڪول موجود آهن ۽ اهڙا اسڪول به ملندا جتي ٻارن جي جڳهه تي جانور پڙهي رهيا آهن. محسوس ٿئي ٿو ته انهن کي ملڪ هلائڻو آهي. ٻارن جي بدران جانور مستقبل جو معمار آهن. تعليم کي وسيع ڪرڻ حڪومت ۽ عوام جو فرض آهي. جيتري تعليم وسيع هوندي اوترو ملڪ ترقي ڏانهن وڌندو آهي. جنهن ملڪ کي نقصان پهچائڻو  هجي ته ان جي تعليم تي حملو ڪيو. تعليم ۽ شاگرد هڪ پليٽ فارم تي نه هجن. اهو دشمن جو وار هوندو آهي. تعليم حاصل ڪرڻ جا ڪجهه اصول هوندا آهن، والدين ۽ استادن جي عزت، ان کي شوق سان پڙهڻ محنت ڪرڻ اسڪول کي پورو وقت ڏيڻ، پڙهائي ڪڏهن به ضايع ڪونه ٿيندي آهي. اها سماج ۾ عزت ڏيندي آهي ۽ عزت وارو انسان ڪنڌ مٿي ڪري هلندو آهي.

هن وقت سنڌ ۾ يونيورسٽين جو تعداد 65 آهي. جن ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ سائنس يونيورسٽيون شامل آهن.جيڪي هر سال هزارين شاگردن کي ڊگريون ايوارڊ ڪنديون آهن. اهي پيڪ ۽ هيڪ کان رجسٽرڊ آهن ۽ ميڊيڪل ڪاليج، يونيورسٽيون، ڊينٽل ڪاليجز اهي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن مان رجسٽرڊ ٿيل آهن. اهي شاگرد ڊاڪٽرن جي صورت ۾ اداري مان نڪرن ٿا. غريب شاگرد بي اي ۽ ايم اي تائين محدود آهن ان کانپوءِ نوڪرين لاءِ ڪنهن وڏيري جي اوطاق جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا ۽ سندن نوڪري جي آسري ۾ عمر گذري وڃي ٿي.

تازو سنڌ سرڪار بجيٽ 22-2021 سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 15.6.2021 تي پيش ڪئي. ان بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 240 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا. يونيورسٽين لاءِ ساڍا 6 ارب، صوبي ۾ بند پيل اسڪولن جي بحالي لاءِ پنج ارب، فرنيچر جي خريداري لاءِ 6.623 ملين رپيا رکيا ويا. گذريل سال تعليم جي شعبي جي بجيٽ اڌ کان وڌيڪ واپس ٿي وئي پر سرڪار خرچ ڪري ڪونه سگهي. ۽ ان سان گڏ مختلف اين جي اوز طرفان پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول هلي رهيا آهن. ان عمل ۾ يونيسڪو جو پڻ ڪردار آهي. جيڪي ڳوٺن کان پري اسڪول آهن ان ۾ تعليم جو معيار درست ڪرڻ ۾ سهڪار ڪندو آهي.

جتي حڪومت جون تعليم ۾ ڪمزوريون هونديون آهن اتي پرائيويٽ سيڪٽر ناجائز فائدو وٺي پنهنجا پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون کوليا آهن،  رڳو پئسو ڪمائڻ لاءِ. انهن جي في عام ماڻهو ادا ڪري ڪونه سگهندو آهي. اهي رڳو شاهوڪار شاگردن لاءِ آهن. خانگي تعليمي شعبو هڪ مافيا آهن، جيڪو غريب کي پاڻ کان الڳ ڪندو آهي جيئن غريب ٻار اڳتي نه وڌي.

اسان جي نوجوان جو حال هي آهي ته ايم اي پاس آهن ۽ ڊگري به آهي پر ان کي انگريزيءَ  ۾ درخواست به لکڻ نه ٿي اچي. بايولاجي ۽ زولاجي جي وصف ياد ناهي. ۽ ٻاهر سڀني کي چوندو آهي ته آءٌ ايم ايس سي پاس آهيان پر نوڪري ڪانه ٿي ملي.  جنهن کي ڪنهن به نوڪري جو لکت واري ٽيسٽ ۾ امتحاني پيپر پڙهڻ ڪو نه ٿو اچي اهو ان جا جواب ڪيئن لکندو؟

اسان جا نوجوان هر ڳالهه ۾ اڳتي آهن. اهو ڪهڙو به مسئلو هجي، سياسي هجي، يا غير سياسي، هڙتال، بک هڙتال جلسا، جلوس ۽ مظاهرا ڪرڻ ڪو اسان کان سکي. باقي تعليم جي باري ۾ نه چئو. چوندا اهو اسان جو ذاتي مسئلو آهي. اهو توهان جو ذاتي نه پر قومي مسئلو آهي. اسان جي قوم تعليم سان جڙيل آهي. ڪجهه سال اڳ ۾ تعليم عام ڪونه هئي. پر هاڻي تعليم کي عام ڪيو ويو آهي. ان مان فائدو وٺڻ اسان سڀني جو فرض آهي.

حڪومت سنڌ جي کاتن ۾ ڪابه ميرٽ ڪونه آهي. باقي وفاقي ادارن ۾ بلڪل ميرٽ آهي. نوجوانن کي گذارش آهي ته وفاقي نوڪرين ۾ اپلاءِ ڪيو. غريب هوشيار بيروزگار ميرٽ تي ڀرتي ٿي اهي سنڌ، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ نوڪريون پيا ڪن. شڪريو ڪريو ته ڪوٽا وارو سلسلو برقرار آهي نه ته اهي نوڪريون ڪراچي ۽ حيدرآباد وارن نوجوان کي ئي لاڳو نصيب ٿين ها. ڪوٽا سسٽم ۾ اهي ٻئي شهر (SINDH URBAN) اسان کان الڳ آهن ان ڪري اسان کي اهي نوڪريون ملن ٿيون. ڇو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا شاگرد پڙهائي ۾ تيز آهن. خاص طور تي ڪراچي جا شاگرد.

اسان کي ڪاپي ڪلچر بلڪل تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسان جا نوجوان ڪاپي کي وڌيڪ اوليت ڏئي رهيا آهن جيڪو پاڻ سان ظلم ڪرڻ آهي. پنجاب جا شاگرد سنڌ ۾ اچي انٽر جا امتحان ڏين ٿا ۽ اهي ڪاپي ڪري انٽرميڊيٽ ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻن ٿا. بعد ۾ پنجاب واپس وڃي ڊگريون حاصل ڪن ٿا.ان عمل ۾ پنجاب جي شاگردن جو ڏوهه نه آهي. اسان جو پنهنجو ڏوهه آهي. اسان پنهنجي تعليم کي تباهه ڪيون ٿا. ٻاهريان شاگرد فائدو وٺن ٿا ۽ پنهنجا سنڌي تماشو ڏسي رهيا آهن. اسان پنهنجي ويڙهه ۾ پورا آهيون. تعلق پنجاب سان ڊوميسائيل سنڌ جو ۽ ڊگري سنڌ جي،  نوڪريون به سنڌ ۾. اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي. ۽ جيڪڏهن سنڌ جو نوجوان پڙهائي ۾ ڌيان ڏئي ته ان جهڙو ذهين ڪٿي به نه ملندو. اسان کي خراب ماحول کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. سنڌ ۽ تعليم اسانجي ملڪيت آهي ان کي صحيح راهه تي ڪرڻ اسان جو حق آهي.

جيڪڏهن تعليم کاتي جي بجيٽ تعليم تي خرچ ڪئي وڃي ته سنڌ جي تعليم ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ٿيندي. ان ۾ اسان جو شان ۽ مان آهي. اسان کي گهرجي ته تعليم جي ميدان ۾ طاقتور بڻجون. جيئن اسين ظلم جو جواب تعليم سان ڏئي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.