پارليامينٽ هائوس ٻاهران هٿياربند شخص گرفتار

اسلام آباد(م ڊ ) پوليس پارليامينٽ هائوس ٻاهران هڪ شخص کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار شخص جي سڃاڻپ سهيل ولد محمد اسلم طور ٿي آهي ۽ هن وٽان پستول به هٿ ڪئي وئي آهي،  پوليس جو چوڻ آهي ته 45 سالن جو جوابدار سهيل راولپنڊي جي علائقي چڪري جو رهندڙ آهي جنهن جي هڪ هٿ ۾ پستول ۽ ٻئي هٿ ۾ ڇُري هئي، جوابدار کي سيڪريٽريٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار هٿيار کڻي پارليامينٽ جي ٻاهر ڇو آيو، ان باري ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.