سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 32 ارب رپيا جاري، ڪراچي تي ڌيان آهي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي صوبائي ناڻي کاتي صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي پڄاڻي لاءِ 32.4 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ او زيڊ ٽي شيئر جي گرانٽ ان ايڊ  جي برعڪس 6007.609 ملين رپيا اڳ ئي مڪاني ادارن کي جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي جنهن نئين مالي سال 22-2021 جي پهرين هفتي ۾ پنهنجي بجيٽ جاري ڪئي. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ ٻڌائي. مراد علي شاهه چيو ته آڪٽوبر 1999 ۾ آڪٽرائي ضلعي ٽيڪس ختم ڪيو ويو ۽ ضلعي ٽيڪس ختم ڪري وفاقي حڪومت اوز ٽي جي 2.5 سيڪڙو مالي منتقلين ذريعي فنڊز جاري ڪرڻ شروع ڪيا. هن چيو ته مقامي ڪائونسلن کي فراهم ڪيل حصو ميونسپل جي ذميوارن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي.  هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پاران او زيڊ ٽي کي ختم ڪرڻ ۽ او زيڊ ٽي جي بدلي ۾ سنڌ صوبي کي ملندڙ گهٽ وصولي باوجود سنڌ حڪومت صوبي ۾ سڀني لوڪل ڪائونسلن کي مستقل تعاون فراهم ڪري رهي هئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪائونسلن کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ واري عزم سان گڏ سنڌ حڪومت 2007 ۾ منعقد ڪيل پي ايف سي ايوارڊ موجب صوبي جي سڀني لوڪل ڪائونسلن کي ماهوار او زيڊ ٽي شيئر جاري ڪري رهي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ عارضي تقسيم موجب حڪومت 2016 کان منظوري ڏني هئي، جيڪي مالي سال 18-2017 ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ شرح وڌائي وئي هئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ لوڪل ڪائونسلن جو انتظامي ڍانچو 7 ضلعي ميونسپل ڪارپوريشنن تي ٻڌل آهي، 24 ضلعي ڪائونسلون، هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، ٽي ميونسپل ڪارپوريشنون – حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو، 39 ميونسپل ڪميٽيون، 147 ٽائون ڪميٽيون ۽ 1526 يونين ڪائونسلن/ يونين ڪميٽين تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت کان گهٽ اوڳاڙين باوجود سڀني مڪاني ڪائونسلن کي مالياتي سال 21-2020 جي بجيٽ ۾ مختص 78 ارب رپين جي مد ۾ سندن مالي ۽ آپريشل گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مستقل طور تي مناسب فنڊز جاري ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت مالي سال 22-2021 جي شيئر ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي ۽ ان مطابق هلندڙ مالي سال 22-2021 لاءِ مقامي ڪونسلن جي ملازمن جون پگهارون/پينشنن لاءِ جولاءِ 2021 کان 82 ارب رپيا رکيا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪراچي ڊويزن تي خاص ڌيان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ڊويزن ۾ 9 وڏيون ڪائونسلون ۽ 247 يوسيز آهن، جن ۾ ڪي ايم سي، ڪراچي ضلعي جون 6 ڪائونسلون، 7 ڊي ايم سيز ۽ 247 يونين ڪائونسلون / ڪميٽيون شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جولاءِ 2021 تائين او زيڊ ٽي جي نظرثاني ٿيل حصي موجب ڪي ايم سي جي حصي ۾ 1178.280 ملين رپيا ساليانو واڌ ڪئي وئي آهي، ڪراچي جي 7 ڊي ايم سيز جو حصو 12135.73 ملين رپين کان وڌائي 13015.836 ملين رپيا ساليانو ڪيو ويو آهي. ۽ ڊسٽرڪٽ ڪونسل ڪراچي جي 1603.056 ملين رپين کان وڌائي 1655.592 ملين رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت ڪراچي ڊويزن جو مجموعي اوز ٽي حصو 25457.08 ملين رپين کان وڌائي 27568 ملين رپيا سالياني کان علاوه ڪراچي ڊويزن جي يونين ڪونسلن/يونين ڪميٽين کي 1482 ملين رپيا ساليانو ڏنا ويندا. مراد علي شاهه چيو ته جولاءِ 2021 جي پهرين هفتي ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ماهوار شيئر طور 65 ملين روپيا، ڊي ايم سيز، ايم سيز کي 3058.026 ملين رپيا، ايس ايس ڊبليو ايم بي کي 69.066 ملين رپيا، ضلعي ڪونسلن کي ريگيولر گرانٽ 541.636 ملين رپيا، ڪي ايم سي کي 1071.381 ملين رپيا جاري ڪيا، جن ۾ 208.219 ملين او زيڊ ٽي، پينشنن لاءِ 263.162 ملين رپيا ۽ 600 ملين رپيا گرانٽ ان ايڊ، يونين ڪونسلن/ڪميٽين کي 763 ملين رپيا، ڪي ڊي اي کي 204 ملين رپيا ۽ ڊي ايم سي/ايم سي/ٽي سي لاءِ 235.5 ملين رپيا شامل آهن.  مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پاران گڏ ڪيل پراپرٽي ٽيڪس جو 83 سيڪڙو به لاڳاپيل مقامي ڪونسلن کي منتقل ڪيو ويو آهي. 21-2020ء دوران ڪراچي پراپرٽي ٽيڪس 1603.729 ملين رپيا هو جنهن مان 83 سيڪڙو 1331 ملين روپيا شهر جي مقامي ڪائونسلن کي منتقل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.