سنڌ ۾ پرائمري اسڪول بند ڪرڻ ۽ ٻه ڏينهن ڪاروبار بند ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب پرائمري تائين اڪسول بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، سرڪار  پاران ڪروناوائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪالهه چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾  ٿيو. اجلاس ۾ گھرو  سيڪريٽري قاضي شاھد پرويز، سيڪريٽري صحت ڪاظم حسين جتوئي سميت سمورن  ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ڪوروناوائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته ڊويزنل ڪمشنر ڪوروناوائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي تي شادي ھال، مال پڙي، مارڪيٽ ۽ ريسٽورنٽ سيل  ڪرائين. ھن وڌيڪ چيو ته جن علائقن ۾ ڪوروناوائرس جا ڪيس وڌن ٿا اتي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو وڃي. اجلاس ۾ صحت کاتي پاران پرائمري تائين اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. سيڪريٽري صحت ڪاظم حسين جتوئي تجويز ڏيندي چيو ته انڊور ڊائننگ تي پابندي، شادي ھال ۾ گھٽ ماڻھن جي اجازت سميت 2 ڏينھن ڪاروبار پڻ بند ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري چيو ته صحت کاتي جي انھن تجويزن کي وڏي وزير جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ رکيون وينديون. اجلاس ۾ صحت کاتي پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ھن وقت تائين 3.35 ملين ويڪسينيشن ڪئي وئي آھي. 647 ويڪسينيشن سينٽر ۽ 347 موبائيل ٽيمن ذريعي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه چيو ته ڪوروناوائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. چيف سيڪريٽري   سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ويڪسينيشن جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي ھدايت  ڪندي چيو ته صحت کاتو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ويڪسينيشن جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ موبائيل ٽيمون وڌائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.