ملڪ ۾ ڪورونا وڌڻ لڳو،1808 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا ڪيسن ۾واڌ ٿيڻ لڳي، 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 1808 هاڪاري ڪيس  رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 15 ڄڻا موذي وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آهن، گذريل ڏينهن ملڪ ۾ 47 هزار 15 ٽيسٽ ڪيون ويون ۽ 670 ڄڻا ڪورونا مان گذريل ڏينهن صحتياب ٿيا. ملڪ ۾ هن وقت تائين گڏيل فوتگين جو انگ 22 هزار 597 ٿي ويو آهي،  جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 9 لک 57 هزار 092 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.