ڪي اين شاهه ويجهو زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، 3 زخمي

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ : سيد اطهر بخاري ) خيرپورناٿن شاهه ويجهو زمين جي مالڪي تان مشوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گولين لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ۽  ٽي زخمي  ٿي پيا، ڳوٺ ميان نصير محمد ۾ زمين  جي مالڪي تان مشوري برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو ، جنهن  دوران فائرنگ ۾ 47 ورهين جو مدد علي مشوري قتل ٿي ويو، سندس پٽ 13 ورهين جو حسين بخش ۽ 35 ورهين جو عمران علي مشوري  ۽ ٻي ڌر جو 17 ورهين جو علي رضا پٽ نواب مشوري زخمي ٿي پيا،زخمين کي تعلقي اسپتال خيرپورناٿن شاهه پهچايو ويو، مقتول جو لاش 2 ڪلاڪن تائين روڊ تي پيل رهيو، بعد ۾ميان نصير محمد ڪلهوڙو ٿاڻي جي  پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال کڻائي آئي. جڏھن ته ٻن زخمين حسين بخش ۽ علي رضا جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويو، مقتول جي ڀاءُ حاجي اسرار مشوري صحافين کي ٻڌايو ته ڪاڇي ۾ زمين آھي،  ان تي  ٻي ڌر قبضو ڪرڻ چاهي ٿي،ان تان ڳوٺ ۾ جهيڙو ڪيو، ميان نصير محمد ٿاڻي جي پوليس ڏي ويا سين ته ڪارروائي نه ڪئي،  منهنجو ڀاءُ مدد علي مشوري پنهنجي پٽ حسين بخش عمران سان گڏ موٽر سائيڪل تي ڊي ايس پي خيرپورناٿن شاهه ڏي دانهن کڻي وڃي رهيو هو  ته ڳوٺ کان ٿورو اڳيان تاڙ ۾ ويٺلن فائرنگ ڪري ڏني.ميان نصير محمد پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او گل حسن ساريو ٻڌايو ته لاش کڻڻ لاءِ گاڏي نه هئي، پوليس موبائيل ناهي، ان ڪري دير ٿي،آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي گرفتاري عمل ۾ آئي هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.