ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) الفلاح ٿاڻي جي حد الفلاح سوسائٽي ڪورنگي ۾  برسات پوڻ کانپوءِ ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 سالن جو حماد پٽ خورشيد فوت ٿي ويو . فوتي جو لاش ڪارروائي جي لاء جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو .

ڪراچي ۾گاڏي جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت

ڪراچي  ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ايف بي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد سھراب ڳوٺ کان گلشن اقبال ويندي پل جي مٿان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ پوليس اھلڪار 27 سالن جو آفتاب احمد ولد مختيار احمد فوت ٿي ويو. پوليس اھلڪار ايس ايس يو ۾ مقرر ھو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.