خورشيد شاهه جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس امجد علي سهتو جي عدالت پ پ جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن واري ڪيس ۾ ضمانت  درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران نيب سکر جو ڊائريڪٽر عدالت ۾ پيش ٿيو، پر اڳڀرائي رپورٽ پيش نه ڪئي، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان هتي پهتا آهيو پر دستاويز سکر ۾ آهن، ڊائريڪٽر صاحب ڇا سکر ۾ دستاويز آناڏيندا،  عدالت چيو ته ٻڌايو ته ٻن سالن ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جوابدار ٽيڪنيڪل طريقن سان دير جا هربا استعمال ڪري رهيا آهن، خورشيد شاهه اين آءِ سي وي ڊي ۾ داخل آهي، جِتي نيب ٽيم کي وڃڻ ئي نٿو ڏنو وڃي، عدالت سوال ڪيو ته ڇا نيب جوابدار کي جيل موڪلڻ جي استدعا ڪئي آهي؟، ٻيا جوابدار جيل ۾ آهن ته خورشيڊ شاهه اسپتال ۾ ڇو پيل آهي؟عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته موجود ريفرنس کي فائنل تصور ڪيو وڃي، عدالت چيو  ته هڪ ماڻهو کي 20 مهينن کان قيد رکڻ کان پوءِ به فائنل ريفرنس داخل نه ڪيو ويو، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪندي چيو ته آهي 16جولاءِ تائين ڌرين جا لکت ۾ دليل جمع ڪرڻ کان پوءِ جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.