اين آئي سي وي ڊي ڪرپشن، شهلا رضا کان 25 سوالن جا جواب طلب

ڪراچي ( رپورٽ: وقار شر ) اين آئي سي وي ڊي ۾ ڪرپشن ۽ غيرقانوني مقررين واري ريفرنس ۾ پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير شهلارضا نيب آڏو پيش، نيب پاران 25 سوالن جا  جواب ڏيڻ جو حڪم، ذريعن موجب صوبائي وزير شهلا رضا گذريل ڏينهن نيب ڪراچي جي آفيس ۾ پيش ٿي، نيب جي جاچ آفيسرن پاران شهلا رضا کي 25 سوالن جو پرچو ڏنو ويو جنهن جا هن کي جواب ڏيڻ جو چيو ويو آهي، انهن سوالن ۾ غيرقانوني ڀرتين، فنڊن ۾ ڪرپشن، اين آئي سي وي ڊي جي ايڇ آر ڊائريڪٽر داور حسين، چيف آپريٽنگ آفيسر عذرا مقصود ۽ ڪلسنٽنٽ حيدر اعواڻ کي ڪنهن ۽ ڪئين مقرر ڪيو ويو، چيف آپريٽنگ آفيسر عذرا مقصود کي ڪنهن جي چوڻ تي مقرر ڪيو ويو جهڙا سوال شامل آهن، نيب ذريعن موجب نيب ڪراچي پاران 5 جولاءِ تي پيپلز پارٽي جي 4 اهم اڳواڻن جنهن ۾  هڪ صوبائي وزير 2 سينيٽر  سميت چار ڄڻا شامل آهن جيڪي ان وقت اين آئي سي وي ڊي جا ميمبر آف گورنگ باڊي هئا.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.