اسلام آباد ۾ ڪورونا جو خطرناڪ قسم ڊيلٽا پکڙجي ويو

اسلام آباد(م ڊ ) اسلام آباد ۾ ڪورونا جي تيزي سان پکڙجندڙ ڀارتي قسم ڊيلٽا جا 25 کان وڌيڪ ڪيس آڏو اچي ويا، ڊپٽي ڪمشنر  اسلام آباد جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح هڪ کان وڌيڪ 5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اسلام آباد جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ صبح 9 وڳي کان سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌڻ جي ڪري جن علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون هوندو انهن ۾ قرطبه ٽائون کنا، سيڪٽر جي اليون، ايف 6 ٿري، جي سيون ٽو ۽ سوان گارڊن ايڇ بلاڪ جا علائقا شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.