ٽنڊي جان محمد واسي نوجوان ڪراچي مان کنڀجي ويو

جهڏو (رپورٽر) ٽنڊو جان محمد جي رهواسي رميش ڪمار کي پنج ڏينھن اڳ ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ سنگر چورنگي ڀرسان هڪ گارمنٽس ڪمپني  مان کنڀيو ويو جيڪو اڃا گم آهي، گُم ڪري ڇڏيو، رميش ميگھواڙ جي پيرسن امڙ ھتي ٻائي ۽ والد رامچند ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ھو روزگار خاطر ڪراچي ويل ھو، هنن چيو ته ڪجھه سال اڳ ۾ رميش ڪمار کي قومپرست تنظيم جو ڄاڻائي کنڀي گُم ڪيو ويو ھو ۽ مھيني بعد ظاھر ڪيو ويو هو ، ڪيس مان ڪورٽ سڳوري  باعزت بري ڪري ڇڏيو هو، ھاڻ ڪنھن به سياسي تنظيم سان ڪو واسطو نه  آهي،منهنجي پٽ کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ اسان هتي نه رهنداسين سنڌ ڇڏي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.