صدر جي موجودگي ۾ ڏکڻ سنڌ صوبي جو رينگٽ، ڳالهه اڳتي وڌي چڪي آهي: امين الحق

ڪراچي (رپورٽر ) صدر جي موجودگي ۾ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل وزير نئين صوبي جي ڳالهه ڪري ڇڏي. فائبر آپٽيڪل واري تقريب کي متحده سان لاڳاپيل وزير پنهنجي مقصد سان سلهاڙي ڇڏيو. صدر پاڪستان عارف علوي چيو آهي ته  جديد دنيا پاڻ کي ملائڻ لاءِ ضروري آهي ته وقت جي گهرجن کي پورو ڪيو وڃي. تيزي سان بدلجندڙ ٽيڪنالاجي کي پنهجي ڪم آڻجي اهڙين ڳالهين جو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ فائبر آپٽيڪل وڇائڻ واري منصوبي جي صحيح واري تقريب ۾ خاص مهمان طور ڳالهائيندي ڪيو، صدر عارف علوي چيو ته وزير اعظم جي ڊجيٽل پاڪستان جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي هن ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ آهي، ان مقصد لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جو ڪردار مثالي آهي، فائبر آپٽيڪل ڪيبل وڇائڻ جو ڪم سنڌ جي ٽن ضلعن خيرپور ميرس، نوشهروفيروز ۽ شهيد بينظير آباد کان شروع ڪيو ويو آهي، هن منصوبي تي گڏيل طور 2 ارب 10 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي. تقريب کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسان جي وزارت 3 سالن دوران موبائل برانڊبينڊ سروس جي فراهمي سميت آپٽيڪل فائبر ڪيبل وڇائڻ لاءِ 8 ارب 48 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 9 منصوبا شروع ڪيا آهن، هن سنڌ ۾ نئين صوبي جي ڳالهه ورجائيندي ۽ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڏکڻ سنڌ صوبي جي ڳالهه هاڻي اڳتي وڌي چڪي آهي، اهو اسان جي مظلوم ۽ ستايل ماڻهن جو اهو آواز آهي، هن چيو ته سنڌ جي ترقي ان جي انتظامي يونٽن ۾ ورهاست سان ئي ممڪن آهي، دنيا 21 هين صدي کان به اڳتي نڪري چڪي آهي، ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، 1800 ارب رپيا هڙپ ڪندڙ سنڌ حڪومت جو خاتمو هاڻي ويجهو آهي. امين الحق چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت لسانيت ۽ تعصب جي نالي تي ڪراچي ۽ حيدر آباد جي عوام کي ترقي جي عمل کان پري رکي ڇڏيو آهي، ان لاءِ اسان چئون پيا ته جيستائين سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي صوبو ڪنهن به قسم جي ترقي نه ٿو ڪري سگهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.