” سنڌ جي سينگار کي آزاد ڪيو“ مختلف شهرن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جا مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( نمائندا) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي سڏ تي پوري سنڌ ۾ ڪامريڊ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ احتجاج ۽ مظاهرا  سنڌ حڪومت، وفاق ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن جي ڪنن، اکين ۽ زبانن کي کولڻ لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا  ويا، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي سڏ تي پوري سنڌ ۾ احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته نصيرآباد ۾ ڪالهه سترهين ڏينهن به عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ليبر سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو هنيو ويو.  ان ڏس ۾ نمائندن جي رپورٽن موجب حيدرآباد ۾اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين جامي چانڊيو، ڪامريڊ لطيف لغاري، ثمر جتوئي، مقصوده رتڙ، ميرحسن سريوال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قمبر ۾ ڪامريڊ سينگار نوناري جي ڀيڻ عابده چنا ڪامريڊ يونس راهو نواب الدين چانڊيو علي غلام ٻرڙو آزاد گل ڪامريڊ اياز ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو، ڪشمور ۾ عوامي ورڪرز پارٽي طرفان پوري سنڌ ۾ احتجاج جي سڏ تي ڪشمور ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو محمد علي، سعيد احمد، فاروق نائچ ۽ ٻين احتجاج ڪيو  شهدادڪوٽ ۾ عوامي ورڪر پارٽي ۽ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم جي گڏيل سڏ تي ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهن شھر جي ليبر ھال کان ڪامريڊ عرس سيلرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڌرڻو هنيو،  جڏهن ته نصيرآباد ۾سوين عورتن، پورهيتن ۽ پڪن جي ڌرڻي سان خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي اڳواڻ ڪامريڊ يونس راهو چيو  سنڌ حڪومت، وفاق توڙي مقامي چونڊيل نمائندا سينگار ۽ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي تي معذور بڻجي وڃن ٿا. اڄ پوري سنڌ ۾ ڪامريڊ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي سڏ تي احتجاج ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته نصيرآباد ۾ سترهين ڏينهن به آواز گهٽيو ڪونهي ويتر وڌيو آهي، ناري جمهوري محاذ اڳواڻ، ڪامريڊ سينگار نوناري جي ڀيڻ ڪامريڊ عابده چنا چيو ته، عوام کي امن امان ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي بنياد تي بجيٽ جو وڏو حصو کڻندڙ ڌريون عوام دوست ماڻهن کي کنڀي گم ڪري اسان کي عدم تحفظ جي احساس ۾ اڇلي رهيون آهن. سترنهن ڏينهن کان جاري سوين ماڻهن جو احتجاج، ڌرڻو ثابت ڪري ٿو ته ملڪ جو دشمن، ملڪ جي آئين قانون کي ٽوڙيندڙ ڪامريڊ سينگار ڪونهي پر اهي آهن جيڪي عدالتن ۽ آئين کان ڀاڳيلا آهن. شهر هي نالي، روڊ، رستي، اسٽڊي سرڪل، پورهيت عوام جي ڳالهه ڪرڻ وارا کنڀي گم ڪيو ٿا پر منشيات فروش توڙي قبضا گير آزاد آهن. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سينگار نوناري کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.