ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ٻارڙي سميت 4 فوت

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ حادثن ۽ واقعن ۾ معصوم ٻارڙي سميت چار ڄڻا فوت ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪورنگي جي چمڙا چورنگي ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ 23 سالن جو نوجوان واجد فوت ٿي ويو جڏهن  ته  24 سالن جو سندس دوست سخت زخمي ٿي پيو . ماڙيپور روڊ تي دعا ھوٽل ڀرسان روڊ ڪراس ڪندڙ ماءُ ۽ ڌيء کي تيز رفتار موٽر سائيڪل سوار ٽڪر لڳايو جنهن جي  نتيجي ۾ 5 مهينن جي دعا ڌي عبدالرسول فوت ٿي وئي ۽ سندس ماءُ صابرا زخمي ٿي پئي . سرجاڻي ۾گهر  جي ڇت تان 40 ورھين جو شخص ڪري فوت ٿي ويو ،پيپسي ڪمپني لڳ ڪم ڪرڻ دوران ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 35 سالن جو پورهيتمول چند ولد بوجرا فوت ٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.