سنڌ مهاجرن جو وڌيڪ بار سھڻ جي سگهھ نٿي رکي: ناصر شاهه

ڪراچي ( رپورٽر) اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير اينڊرولا ڪامينارا ملاقات ڪئي. ليبر قانون، سياسي صورتحال ۽ يورپي يونين  پاران سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي  اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته يورپي يونين هميشه پاڪستان کي مختلف شعبن ۾ سھڪار فراهم ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ڪووڊ 19 ايمرجنسي ۾ ڀرپور قدم کنيا آهن. وڏن شهرن سميت ضلعي هيڊڪوآرٽرن ۾ ڪووڊ ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا آهن.اسان جي پوري ڪوشش آهي ته صوبي جي هر ماڻهو جي ويڪسينيشن يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت  ويڪسين جي کوٽ کي منهن ڏئي رھي آهي. سنڌ حڪومت ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ وڏي رقم رکي آهي. وفاقي حڪومت پاران ويڪسين جي قيمت  مقرر  نه  ڪرڻ جي ڪري خريداري ۾ دير ٿي. هن يورپي يونين جي سفير کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال سبب افغان مهاجرن جي آمد جو خدشو آهي. پوري دنيا ۾ مهاجرن کي ڪيمپس ۾ رکيو ويندو آهي، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ضياءالحق جي دور حڪومت ۾ ايندڙ افغان مهاجرن پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ ملڪيتيون خريد ڪري ورتيون آهن. هاڻي ٻيهر افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب ٿي آهي، خدشو آهي ته وڏي انگ  ۾ مهاجر  ڪراچي جو رخ ڪندا. هن چيو ته سنڌ صوبو مهاجرن جو وڌيڪ بار سھڻ جي سگھ نٿو رکي، تنھن ڪري اسان وفاقي حڪومت کي چيو آهي ته افغان مهاجرن کي سرحدي علائقن تائين محدود ڪيو وڃي ۽ کين ڪيمپس ۾ رکيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ماحُولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري صوبي ۾ ٻيلن جي بحالي ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا . سنڌ حڪومت مينگروز فاريسٽ لڳائڻ جو ٽي دفعا عالمي ريڪارڊ قائم ڪيو آهي. هڪ ڏينهن ۾ سامونڊي علائقن ۾ 10 لک مينگروز جا وڻ لڳايا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي هن قدم کي جنيوا ڪانفرنس ۾ به ساراهيو  ويو آهي ۽اسان ڪاربن ڪريڊٽ معاهدو پڻ ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي اينڊرولا ڪامينارا ٻڌايو ته يورپي يونين پاڪستان ۾  مختلف شعبن جي ترقي لاءِ سھڪار  فراهم ڪري ٿي ۽ سنڌ ۾ به ڪيترن شعبن ۾ حڪومت سان سھڪار جاري آهي. يورپي يونين قرض نه پر امداد ڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم، خاص ڪري فني تعليم ۽ تربيت، پاڻي جي فراهمي ۽ يورپي يونين ۽ پاڪستان  وچ ۾ واپاري رابطن جي بهتري لاءِ سھڪار فراهم ڪيو پيو وڃي. يورپي ملڪن ۾ پاڪستان سان واپار جو ڪاٿو 33 سيڪڙو آهي. ڪووڊ 19 جي صورتحال ۾ يورپ ڏانهن پاڪستاني شين جي واپار ۾ واڌ ٿي  آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.