صنعان قريشي جي آزادي لاءِ مارچ شڪارپور پهچي ويو

شڪارپور(ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي آزادي لاءِ ڪشمور کان ڪراچي لاءِ قادر چانڊيو ۽ ناياب سرڪش جي اڳواڻي ۾ نڪتل پيرين پنڌ قافلو شڪارپور پريس ڪلب پھتو جتي قومي ڪارڪنن پاران مٿن گلن جي ورکا ڪري قافلي جي شاندار آجيان ڪئي،ان موقعي تي پريس ڪلب اڳيان نٽھڻ اُس ۾ ڌرڻو هڻي زرداري ۽ ملڪ رياض مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي جتي خطاب ڪندي اڳواڻن قادر چانڊيو،ناياب سرڪش،منور کوکر،عباس باجڪاڻي،مظفر بلوچ ۽ ٻين چيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين کي بي ڏوھ گرفتار ڪري قيدي بڻايو ويو آھي ۽ اسان جي پرامن تحريڪ جو مقصد اڳواڻن جي آزادي آھي،هنن چيو ته ڏاڍ ۽ جبر ذريعي زرداري ۽ ملڪ رياض مافيا قومي ڪارڪنن کي جهڪائڻ ٿي چاهي پر اهو ڪڏھن به ممڪن نٿو ٿي سگهي،هنن چيو تہ صنعان قريشي جي آزادي تائين اسان جوقافلو 26 کان28 ڏينهن اندر ڪراچي پهچندو جنهن کانپوءِ شھر شھر احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو،هنن چيو تہ سنڌ سرڪار وٽ جيڪڏهن صنعان قريشي لاءِ بحريا ٽائون کي باھ ڏيڻ جا ڪي به ثبوت موجود آھن ته پيش ڪيا وڃن باقي دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بلاجواز ڪنھن کي بہ جيل ۾ قيد ڪرڻ سٺو عمل ناهي،هنن چيو ته سنڌ دوست وڪيل صنعان خان ۽ سندس ساٿين جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪن ٿا پر حڪمران سازش تحت ضمانتون رد ڪرائن ٿا باقي قومي ڪارڪن هر سازش جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سنڌ دشمن منصوبي بحريا ٽائون کي هرگز به برداشت نه ڪندا ۽ بحريا ٽائون خلاف پر امن احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.