ڪوٽڏيجي ۾صحت کاتو ارڙي تي ضابطي ۾ناڪام، هڪ ٻار فوت، ڪيترائي اگها

ڪوٽڏيجي (رپورٽ : ثناءُ الله بگٽي )ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ ارڙي جي بيماري تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي،  هڪ ٻار فوت ٿي ويو ، جڏهن ته وڌيڪ 5 ٻار  ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ اُرڙيجي وبا تيزي سان ڦهلجڻ  ۽ صحت کاتي پاران اپاءُ نه وٺڻ  سبب  ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ علي آباد ۾  احسان علي بگٽي جي 3  جو معصوم پٽ تيمور علي بگٽي اُرڙي جي بيماري ۾ فوت ٿي ويو آهي،جڏهن ته ڪيترائي معصوم ٻارڙا اُرڙي ۾  مبتلاٿي ويا آهن، جنهن ۾ احسان علي بگٽي جي 4 ورهين جي معصوم ڌيءَ انوشا، عرفان علي بگٽي جي 3 ورهين جي  معصوم ڌيءَ زهران ۽ 2 ورهين جو معصوم پٽ گل حسن، ديدار علي بگٽي جو 2 ورهين جو پٽ سجاد علي ۽ 5 ورهين جي معصوم نياڻي فاطمه شامل آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن  فتح محمد، منٺار علي بگٽي، خير محمد بگٽي ۽ ٻين عوامي آواز کي ٻڌايو ته  ٽڪا نه لڳڻ سبب بيماري پکڙجي رهي آهي، هنن وزير اعليٰ سنڌ، صحت کاتي جي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي جلد کان جلد ڳوٺ علي آباد ۾ اُرڙي کان بچاءُ لاءِ ويڪسين جا ٽڪا لڳرائي بيچيني ختم  ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.