ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، ڦورو مارڻ جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي مارڻ جي دعويٰ ڪندي ڄاڻايو آهي ته  تيسر ٽائون سيڪٽر 50 بي دربار ھوٽل ڀرسان مقابلو ٿيو، مارجي ويل جي سڃاڻپ 26 سالن جي بشير ولد جنازاخان جي نالي سان ٿي آهي. جوابدار شھرين کان ھٿيارن جي  زور تي ڦر ڪري رھيا هئا، ٻيا سندس ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب لياري جي 4 ٽارگيٽ ڪلرن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو، جنهن  اليان بلوچ تازو ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ٻين مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران 25 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪري هٿيار، منشيات چوري ڪيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.