سکر ۾ مڙس ۽ ساهرن جي تشدد جو شڪار عورت علاج دوران فوت

سکر (رپورٽر ) سکر جي علائقي مختيار ڪار آفيس ويجهو جي رهواسي غلام مرتضي’سومرو ميڊيا کي دانهيندي ٻڌايو ته سندس 29 سالن جي نياڻي صنم کي بي رحم مڙس تشدد ۽ اذيت جو شڪار بڻائي ماريو آهي  8 سال اڳ بئراج روڊ سکر ميمڻ گهٽي جي رهواسي تعليم کاتي جي نائب قاصد ڪاشف پٽ محمد علي ميمڻ سان ان جي شادي ڪرائي جنهن مان 7 سالن جو پٽ آهي پاڻ ۽ سندس گهر ڀاتين نياڻي کي گذريل 5 سالن کان ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻائيندي سندس زندگي زهر بڻائي ڇڏي  حق مهر بچائڻ خاطر طلاق نه ڏيندڙ بي حس ڪاشف نياڻي کي پاڻ خلا وٺڻ، حق مهر معاف ڪرائڻ لاءِ مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون، سول ڪورٽ ۾ ڪوڙي درخواست به ڏني  نياڻي جو گهر بچائڻ خاطر سڀ ڪجهه برداشت ڪيو معززين جي خاطري بعد  3ڀيرا کين معاف ڪري نياڻي سندن حوالي  به ڪئي پر هو بي حس ماڻهو پنهنجي ظلم کان نه مڙيا، مڙس، سندس پيءُ، ماءُ ۽ گهر وارن جو زيادتيون ۽ صدما برداشت ڪندڙ منهنجي نياڻي جو  هو علاج ڪرائڻ بدران سندس ظالم مڙس 25 ڏينهن اڳ خراب حالت ۾ بيڪن ڇڏي ويو  مان غريب رٽائرڊ ملازم ان جو مختلف ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو 3 ڏينهن اڳ منهنجي نياڻي صنم جي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ ڪري ريڊڪراس هاسپيٽل داخل ڪيو ويو سندس حالت سڌرندڙ هئي ته گذريل ڏينهن ڪاشف ميمڻ پٽ ساڻ ڪري اسپتال جي ليڊيز وارڊ ۾ زبردستي داخل ٿي نياڻي کي ڌمڪايو جنهن بعد هو خوفزده ٿي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي اعلي’اختياريون، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سکر پوليس پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ظالمن خلاف ڪارروائي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن وارثن پاران بي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.