احمد پور لڳ ناريجا برادريءَ ۾ خوني تڪرار جو جرڳو، 2 ڪروڙ 61 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ

احمدپور (رپورٽ : نديم راجا ميتلو ) احمدپور لڳ 18 سال اڳ ناريجا برادريء جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي ۽ مخبري تان هلندڙ پراڻي خوني تڪرار جو مير منظور حسين پنهور جي سر پئجي ۾  نبيرو ٿيو جنهن ۾ 15 خون ۽ 5 زخمين جو مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 61 لک ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي ڌريون کير کنڊ رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ عبدالله ناريجو ۾ ناريجا برادريء جي ٻن ڌرين خظراڻي پاڙي جي غلام اصغر ناريجو ۽ هشامي پاڙي جي علي گل ناريجو جي زمين جي مالڪي ۽ مخبري تان هلندڙ پراڻي خوني تڪرار جو ڪراچي ۾ مير منظور حسين پنهور جي رهائشگاهه تي فيصلو ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي مشيرن عابد جتوئي، سڪندر علي شاهه، نجم الدين ڪماريو، ڪريم ڏنو بڊاڻي ۽ ناريجا برادريء جي سردار حاجي ميرل ناريجو شرڪت ڪئي فيصلي ۾ غلام اصغر ناريجو جي ڌر تي 7 خون ثابت ٿيا جڏهن ته علي گل ناريجو واري ڌر تي 8 خون ثابت ٿي ويا، في خون جي 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو ۽ زخمين جو 4 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته هر خون جو معاوضو مقتول جي وارثن کي ڏنو ويندو ۽ زخمين کي ڏنڊ جي رقم ڏني ويندي فيصلي جي فتوا قرآن شريف سامهون رکي ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن کي ويهاري ٻڌائي وئي جنهن ۾ مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 61 لک رپيا  ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي آهي جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويو ۽ اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو فيصلي جي فتوا ٻڌائڻ کانپوءِ ڌرين جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي  وئي.ياد رهي ته ناريجا برادريءَ  جو خوني تڪرار 18 سال اڳ شروع ٿيو جنهن ۾ علي گل ناريجو اصغر ناريجو جي مخبري ڪئي ۽ خوني ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ اصغر ناريجو واري ڌر علي گل جي 9 جريب زمين تي قبضو ڪيو جنهن تان علي گل واري ڌر اصغر جا 2 ڀائٽيا غلام عمر ۽ محمد معروف کي زمين تي ڪڻڪ جو لابارو ڪندي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ هلندڙ خوني جهيڙي ۾ محمد اعظم، عالم خان، مارون خان، غلام سرور سميت 2 وانگارو علي خان جتوئي ۽ هڪ جاگيراڻي قتل ٿي ويا ۽  غلام مجتبيٰ  زخمي ٿي پيو هو اهڙي طرح اصغر ناريجو جي ڌر جا 8 ماڻھو قتل هڪ زخمي جو ڏوھ علي گل ناريجو واري ڌر تي ثابت ٿيڻ تي  هڪ ڪروڙ 19 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.جڏهن ته ناريجا برادريء جي خوني تڪرار ۾ علي گل ناريجو واري ڌر جا مولوي غلام رسول، غلام مصطفيٰ، حاجي ناريجو ،موسل ناريجو روشن، ارشاد، الاهي بخش ناريجو سميت 7 ماڻهو مارجي چڪا ۽ مسمات شاهل خاتون، مشتاق، صدام ۽ رجب زخمي ٿي پيا هئا جنهن جو اصغر ناريجو واري ڌر مٿان ڏوهه ثابت ٿي ويو جنهن جو ڏنڊ هڪ ڪروڙ 42 لک رپيا رکيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.