حراست دوران تشدد ۽ موت سزا جوڳو ڏوهه قرار، سينيٽ ۾ بل منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ حراست دوران تشدد ۽ موت جي خاتمي ۽ سزا وارو بل 2021 منظور ڪيو ويو.

بل پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان پيش ڪيو ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ان جي حمايت ڪندي چيو ته تشدد ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري ملازم کي 10 سال قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ تائين جي سزا کي منهن ڏيڻو پوندو.

جيڪڏهن ڪو سرڪاري ملازم جنهن جو فرض تشدد کي روڪڻ آهي، جيڪڏهن هو ڄاڻي واڻي غفلت ڪري يا ان کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿو رهي ته هن کي به 5 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ کي منهن ڏيڻو پوندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته تشدد جي ذريعي عدالت ۾ ڏوهه مڃرائڻ به قبول نه هوندو.

حراست دوران تشدد ۽ موت ( خاتمي ۽ سزا) واري بل 2021ع ۾ چيو ويو آهي ته ان ايڪٽ جي تحت ڏنل سزا معافي جوڳي نه هوندي ۽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳي تصور ڪئي ويندي.

بل جي منظوري تي پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته پاڪستان آخرڪار تشدد کي ڏوهه قرار ڏيڻ واري رستي گامزن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.