حماد اظهر بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشينڊگ پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري نه پر فراهمي واري نظام جي ڪمزوري جي ڪري ٿي رهي آهي.

فواد چوڌري ۽ شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو شهباز شريف ٻڌائي ته جيڪڏهن ان سستا سودا ڪيا هيا ته پوءِ 1200 ارب رپين جا گردشي قرض ڇو وڌي ويا؟ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان ساڍا 24 هزار ميگا واٽ بجلي جي پهچ ڪاميابي سان ڪئي، پاڪستان ۾ بجلي جي کپت 16 هزار ميگا واٽ آهي.

حماد اظهر مخالف ڌر اڳواڻ کان ٻيهر سوال ڪيو ته شهباز شريف اهو ٻڌائي ته 10 مهينن جو جيڪو بجلي گهر جو ڪرايو ادا پيو ٿئي اهو ڪير ڀريندو؟ اهي ملڪ ۾ ڇا ٺاهي ويا؟ امپورٽيڊ فيول سان هلندڙ بجلي جا گهر؟ جيڪڏهن توهان سودا سستا ڪيا هيا ته گردشي قرض 1200 ارب رپين تائين ڪيئن وڌيا؟

هن چيو ته اين ٽي ڊي سي جي نمائندي سان ڳالهه ڪئي آهي، ڪٿي به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، شهباز شريف کي گذارش ڪندس ته توهان اڳ ۾ ئي گهڻا ظلم ڪري چڪا آهيو، اسان ان کان اڳ سستي ايل اين جي جو سودو ڪيو، جيترو توهان ڪري ويا آهيو اسان ان مان جند ڇڏائي رهيا آهيون، ماڻهن کي گمراهه نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.