ڏهرڪي، سوڀوديرو، ڌاٻيجي ۽ حيدرآباد جون خبرون

ڏھرڪي: نرلي مائينر  مان 45 ورهين جي اڻ سڃاتل شخص جو لاش ھٿ

سوڀوديرو :مقتول نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ،ڌرڻو

ڌاٻيجي: ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ2  لائنون ڦاٽي پيون، لکين گيلن پاڻي ضايع

تعلقي اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

حيدرآباد:نصيرآباد مان کنڀي گم ڪيل ڪامريڊ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ ريلي

ڏھرڪي ويجھو ڪوڀرن جي دڙي لڳ نرلي مائينر  مان 45 ورهين جي اڻ سڃاتل شخص جو لاش ھٿ آيو ،جنهن جي سڃاڻپ لاء ڀر پاسي جي ڳوٺن کان ماڻھو پهتا پر سڃاڻپ نه ٿي سگهي،   اطلاع تي ڏھرڪي پوليس پھچي لاش کڻائي ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو جتي لاش جي سڃاڻپ نه ھئڻ ڪري لاش کي مردہ خاني ۾ رکيو ويو آهي.

سوڀوديرو لڳ ڳوٺ نواڙو جي رھواسين  پاران مقتول نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سيد ليمن شاھ سيد يتيم شاھ۔فيروز ڀاڳت۔فياض ڪمبوھيو۔نصرالله دربان۔نجف اوٺي ۽ ٻين قرآن پاڪ مٿي تي کڻي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏئي سوڀوديرو نواڙو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،  ان موقعي پيرسن سيد يتيم شاھ زاروقطار قطار روئندي چيو ته پوڻا ٻه مھينا اڳ مقتول نوجوان سجاد چنڊي کي قتل  ڪيو ويو ھو جنھن جي قتل جا اصل قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، هنن الزام هنيو ته پوليس مسڪينن کي گرفتار ڪري اصل جوابدارن کي بچائي پئي۔ٻئي طرف ايس ايڇ او ٻڌايو ته مقتول سجاد چنڊي جي قتل جي جاچ وٽس نه آھي مقتول جا وارث انڪوائري ري اوپن لاء عدالت سڳوري ۾ ويا ھيا عدالت جي حڪم تي ايس ايس پي خيرپور انسپيڪٽر وحيد مراد کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو آھي

ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪندڙ 72انچ جون هڪ نمبر ۽ ٻه نمبر لائنون بجلي جي بريڪ ڊاون سبب ڦاٽي پيون جنهن سبب لکين گيلن  پاڻي ضايع ٿي ويو،  يادر رهي گذريل ڏينهن اڳ ۾  72انچ جي پنج نمبر لائن ڦاٽي هئي جنهن جو مرمتي ڪم اڃا مڪمل ئي ڪون ٿيو هوته اوچتو  هڪ دفعو ٻيهر لائن ڦاٽي پئي،  ذريعن موجب مرمتي ڪم دوران ناقص ميٽريل استعمال ڪيو ٿو وڃي جنهن سبب هر روز لائن ڦاٽڻ معمول جو سبب بڻجي ويو آھي .

تعلقي اسپتال ميھڙ۾ دوائن ۽ سھولتن  جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهروڪيو ويو، سنڌ يونائٽيڏ پارٽي پاران سڪندر سوڍر . حميد سومرو .حاجي خان مارفاڻي . شبير منگي . اسحاق سوڍر .مجيد کوسو ۽ ٻين جي آڳواڻي ۾ احتجاجي  مظاھرو  ڪري اسپتال جي مک گيٽ آڏو نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ويو،  ان موقعي تي مظاھرين اسپتال جي خراب حالت .دوائن جي کوٽ .ايم ايس جي ڪرپشن خلاف سخت نعريبازي هنن مطالبو ڪيو  ته نااھل ايم ايس کي ھٽائي اسپتال کي سھولتون ڏئي ڪرپشن جي جانچ ڪئي وڃي

عوامي ورڪرز پارٽي پاران نصيرآباد مان کنڀي گم ڪيل ڪامريڊ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي نامياري دانشور جامي چانڊيو، ڪامريڊ لطيف لغاري، ثمر جتوئي، مقصوده رتڻ ۽ مير حسن سريوال ڪئي،  ان موقعي تي اڳواڻن چيو تھ ڪامريڊ سينگار نوناري کي 26 جون تي رات ڌاري سندس گهر جا دروازا ٽوڙي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سينگار نوناري کي کنڀڻ مان ثابت ٿي رهيو آهي ته موجوده دور جي ڍونگي لبرل جمهوريت بنيادي طور سرمائيداري جي معاشي مفادن جي محافظ بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سينگار نوناري سميت بحريا ٽائون خلاف احتجاج ڪندڙ قيد 135 ماڻهن جا ڪيس ختم ڪري کين فوري آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.