اسلامي نظرياتي ڪونسل ۾ عورتن جي نمائندگي نه ٿيڻ خلاف درخواست داخل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪونسل ۾ عورتن جي عدم شموليت جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.

ماهم علي نالي عورت طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪونسل ۾ عورت ميمبر جي عدم شموليت آئين جي آرٽيڪل 228 جي خلاف آهي، ڪونسل آئين جي خلاف عورت ميمبر کي شامل ناهي ڪيو.

درخواست ۾ ملڪ جي صدر، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ اسلامي نظرياتي ڪونسل جي چيئرمين کي ڌر بڻائيندي عورت اپيل ڪئي ته عدالت اسلامي نظرياتي ڪونسل ۾ گهٽ ۾ گهٽ عورتن جي نمائندگي طور تي هڪ عورت ميمبر کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.