اڳ موجود دوا سان گردي جي ڪينسر جو علاج ممڪن

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اڳواٽ ئي موجود دوا جي باري ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اها دوا نه رڳو گردي جي ڪينسر کان شفا ڏئي سگهي ٿي پر ان سان مرض جو ٻيهر حملو به روڪي سگهجي ٿو.

ان دوا جي ٽئين مرحلي واري طبي آزمائش جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن کي يورپي ايسوسيئيشن آف يورالاجي ڪانگريس ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

ان تحقيق جو مقصد آپريشن کانپوءِ گردي مان ڪينسر جي ڳوڙهن کي ڪڍڻ بعد گردن کي ڪينسر جي ٻئي حملي کان به محفوظ بڻائڻ هو، جنهن جو ان کان اڳ ڪو واضح طريقو موجود ڪو نه هو.

ٽئين مرحلي ۾ هڪ هزار اهڙن مريضن کي شامل ڪيو ويو، جيڪي گردي جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا ۽ آپريشن ذريعي انهن مان گردي جي ڪينسر ۽ ان جي ڳوڙهن کي ڪڍيو ويو هو، انهن مريضن کي ٻن گروهن ۾ ورهايو ويو، انهن مان اڌ مريضن کي امينو ٿراپي جي مشهور دوا پيمبرر ولائزو ميب يا پيمبرو ڏني وئي، جڏهن ته ٻين اڌ مريضن کي عام دوا پليسيبو کارائي وئي.

پيمبرو ڪينسر جي ڪيترن ئي قسمن ۾ ڪامياب دوا طور کارائي ويندي آهي، خاص طور تي گردي جي ڪينسر ۾ مبتلا مريضن کي آخري اسٽيج تي اها ئي دوا ڏني ويندي آهي، جيڪا گهڻي فائديمند به ثابت ٿيندي آهي.

ان کان اڳ 20 ملڪن ۾ ڪيل تحقيق ۾ اهو به ثابت ڪيو ويو آهي ته اها گردي جي شروعاتي ڪينسر واري مرحلي لاءِ پڻ فائديمند دوا آهي.

ٻن سالن کانپوءِ خبر پئي ته جن ماڻهن کي پيمبرو دوا ڏني وئي هئي، انهن کي فرضي دوا جي مقابلي ۾ ڪينسر جو 33 سيڪڙو خطرو گهٽ ٿئي ٿو. ان کانپوءِ مريضن کي وڌيڪ تپاسيو ويو ۽ پنج سال جيئرو رهڻ جي نتيجي ۾ دوا جي فائدي کي جاچيو ويو.

ان تحقيق جو سربراهه پروفيسر ٿامس پائوليس آهي، جيڪو لنڊن جي ڪوئن ميري يونيورسٽي ۾ بارٽس ڪينسر انسٽيٽيوٽ ۾ تحقيق ڪندو آهي.

سندس موجب پيمبرو گردي جي ڪينسر جي ٻيهر واپسي کي روڪڻ ۾ واضح ۽ مک ڪردار ادا ڪري ٿي، پوءِ اها زندگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر ٿامس اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪجهه وڌيڪ ثبوتن کانپوءِ ان جي استعمال جي اجازت ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.