سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ نيب چيئرمين خلاف شڪايت، حڪومت دليل لاءِ وقت گهري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪونسل جي اجلاس ۾ قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جي خلاف شڪايت ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت اٽارني جنرل جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت جي اپيل ڪري ڇڏي.

سپريم جوڊيشل ڪونسل جو اجلاس چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ڪورٽ بلڊنگ ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ اٽارني جنرل نيب چيئرمين جاويد اقبال جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ شڪايت جي ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت شروعاتي دليل ڏنا.

اٽارني جنرل وفاقي حڪومت کان هدايتون وٺي جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت جي اپيل ڪئي جنهن کان پوءِ سپريم جوڊيشل ڪونسل جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.