نيب چيئرمين ٻڌائي ته ڪنهن جو غلام آهي؟ شاهد خاقان عباسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستاني عوام حڪومت جي نالائقي جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.

ڪراچي جي عدالت ۾ پيشي دوران صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان خلاف ڪيس ڪوڙا آهن، اسلام آباد ۽ لاهور جي عدالتن جا فيصلا پڙهجن ته حقيقت سامهون اچي ويندي.

هن چيو ته اسان نيب ۽ ڪيسن کان نٿا گهٻرايون، نيب چيئرمين ٻڌائي ته ڪنهن جو غلام آهي؟ جيڪي وزير چوندا هئا اسان انهن کي پڪتو آهي اڄ منهن لڪائي گهمن ٿا، اي سي سي جي فيصلن موجب حڪومت خلاف 20 ڪيس ٺهن ٿا، وزيراعظم ته سڀني خلاف ڪارروائي جي دعويٰ ڪندو هو.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ گئس بحران جو ذميوار ڪير آهي، حڪومت مهانگي ترين ايل اين جي خريد ڪري رهي آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ پاڪستاني عوام حڪومت جي نالائقي جي سزا ڀوڳي رهيو آهي، پاڪستان ۾ جيترو جلدي چونڊون ٿيون بهتر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.