”افغانستان جي حالتن جا اثر پاڪستان تي پوڻ نه ڏينداسين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان جي حالتن جا اثر پاڪستان تي پوڻ نه ڏينداسين.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته افغانستان ۾ مَٽجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، ڀرپور ڪوشش آهي ته ڪابل ۾ هڪ پرامن ۽ سڀني جي راءِ تي ٻڌل حڪومتي نظام ذريعي اڳتي وڌيو وڃي پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته به پاڪستان تي ان جا اثر پوڻ نه ڏينداسين، اسان جي افغان پاليسي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.

سندس موجب وزيراعظم چئي چڪو آهي ته اسان پرامن حصي دار هونداسين پر جنگ ۾ نه، پاڪستاني سرزمين افغانستان خلاف استعمال نه پئي ٿئي ۽ اميد آهي ته افغانستان جي سرزمين به پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي، سياسي پارلياماني قيادت عدم مداخلت تي اصول تي متفق آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.