اڄ مينهن جي ڪا به اڳڪٿي نه هئي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اڄ موسميات کاتي طرفان مينهن جي ڪا به اڳڪٿي نه ٿي هئي.

سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته موسميات کاتي کي مينهن جي حوالي سان صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن کي ٻڌائڻ گهرجي ها.

هن چيو ته سمورن مڪاني ادارن کي متحرڪ ٿيڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي، هن چيو ته ڪراچي ۾ واٽر بورڊ، ڊي ايم سيز ۽ ڪي ايم سي پنهنجي لاڳاپيل اسٽاف کي فوري متحرڪ ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.