شهباز شريف خلاف ايف آءِ اي جي جاچ رپورٽ تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ن ليگ صدر شهباز شريف خلاف جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي.

ايف آءِ اي طرفان مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف خلاف شوگر ۽ 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي.

ذريعن موجب ايف آءِ اي شهباز شريف کان 25 سوال ڪيا پر هو هڪ به سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي شهباز شريف کان ڪيل جاچ جي تفصيلي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي ۽ اها ڊي جي ايف آءِ اي سميت شهزاد اڪبر کي به فراهم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي اها رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.