آئين جي آرٽيڪل 160 ۾ ترميم وارو بل سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني آئين جي آرٽيڪل 160 ۾ ترميم وارو بل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

سينيٽ چيئرمين آئيني ترميم جو اِهو بل اسٽيڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.

بل جي متن ۾ چيو ويو ته اين ايف سي ايوارڊ رپورٽ تي سينيٽ پنهنجو مشاهدو صوبائي ناڻي واري وزير ڏانهن موڪليندو ۽ اِهو مشاهدو ايوان ۾ پيش ٿيڻ جي ٻه مهينن جي نادر موڪليو ويندو.

بل جي متن ۾ چيو ويو ته مشاهدو لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي ۾ موڪلينداسين، وزيرن جي اين ايف سي ايوارڊ تي عملدرآمد رپورٽ ايوان ۾ پيش نه پئي ڪئي وڃي.

بل جي متن ۾ اِهو به چيو ويو ته اين ايف سي ايوارڊ تي عملدرآمد رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي آئيني ذميواري پوري نه پئي ٿئي، اين ايف سي ايوارڊ رپورٽ تي سينيٽ سان گڏ قومي اسيمبلي کي به شامل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.