گذريل عالمي ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندڙ اٽلي يورپيئن چيمپيئن بڻجي ويو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ 2018 لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندڙ اٽليءَ جي ٽيم انگلينڊ کي شڪست ڏئي يورو ڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو.

لنڊن جي ويمبلي اسٽيڊيم ۾ يورو ڪپ جو فائنل انگلينڊ ۽ اٽلي جي ٽيمن ۾ ٿيو ۽ مقرر وقت ۾ نتيجو نه نڪرڻ سبب فاتح لاءِ پيلنٽي شوٽس جو سهارو ورتو ويو.

انگلينڊ جي ٽيم ميچ جي ٻئي منٽ ۾ ئي گول ڪري اٽلي تي سرسي حاصل ڪري ورتي هئي پر ٻئي هاف جي 67هين منٽ ۾ اٽلي گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو ۽ واڌو 30 منٽن ۾ به ٻئي ٽيمون وڌيڪ گول نه ڪري سگهيون.

پينلٽي شوٽس ۾ 1966 کانپوءِ فٽبال جي ڪنهن به وڏي ايونٽ جي فائنل ۾ پهچندڙ انگلينڊ جي ٽيم کي اٽلي 2-3 تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو يورپيئن چيمپيئن بڻجي وئي.

واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم سيمي فائنل ۾ ڊنمارڪ کي شڪست ڏئي 55 ورهين کانپوءِ فائنل ۾ پهچ حاصل ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.