ڪورونا جا ٻه ڊوز لڳرائيندڙ وائرس جي سمورن قسمن کان آجا قرار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداري سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريٽر چيو آهي ته جن ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين جا ٻه ڊوز لڳي چڪا آهن اُهي ڊيلٽا سميت ڪورونا جي سمورن قسمن کان مڪمل طور تي محفوظ آهن.

سي ڊي سي اينڊ ايف ڊي اي جي هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳرائيندڙن کي ڪنهن قسم جي بوسٽر شاٽ يعني ٽين خوراڪ جي ضرورت ناهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بوسٽر شاٽ هڻائڻ گهرجي يا نه، ان حوالي سان ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه سامهون آئي ته ان کان فوري طور تي عوام کي آگاهه ڪنداسين.

ٻئي پاسي فائزر ڪمپني جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن ڪورونا ويڪسين جا ٻه ڊوز لڳرائي ڇڏيا آهن انهن کي 6 مهينن کان پوءِ بوسٽر شاٽ هڻائڻ گهرجي جيئن ڊيلٽا جهڙي ويريئنٽ کان تحفظ حاصل ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.