ڪراچي ۾ نگليريا سبب ٻارڙي فوت، انگ وڌي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نگليريا سبب وڌيڪ هڪ ٻيو مريض لاڏاڻو ڪري ويو.

ذريعن موجب نگليريا سبب شادمان ٽائون جي 8 سالن جي ٻارڙي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي جنهن کان پوءِ هلندڙ سال شهر ۾ نگليريا سبب فوتگين جو انگ 4 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر قيصر سجاد حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بهتر بڻائي وڃي جڏهن ته ماڻهو گهرن جي زمين هيٺ پاڻي جون ٽائنڪيون صاف رکن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.