پارليامينٽ هائوس ٻاهران هٿيار بند شخص گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پوليس پارليامينٽ هائوس ٻاهران هڪ شخص کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار شخص جي سڃاڻپ سهيل ولد محمد اسلم جي نالي سان ٿي آهي ۽ هن وٽان پستول به هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته 45 سالن جو جوابدار سهيل راولپنڊي جي علائقي چڪري جو رهندڙ آهي جنهنجي هٿ ۾ پستول ۽ ٻئي هٿ ۾ ڇُري هئي، جوابدار کي سيڪريٽريٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار هٿيار کڻي پارليامينٽ جي ٻاهر ڇو آيو، ان باري ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.