آزاد ڪشمير ۾ تحريڪ انصاف کٽيندي، اپوزيشن ڌرڻي جي تياري جاري رکي: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مريم نواز جي اندر ۾ ڌرڻي جي خواهش تڙپي رهي آهي، آزاد ڪشمير ۾ اڄ به عمران خان ئي مقبول آهي ۽ ان جي ئي حڪومت هوندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو هاڻ کان ئي گوڙ شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي ليکي ته آزاد ڪشمير ۾ مقبول آهن پر اتي عمران خان مقبول آهي ۽ حڪومت به ان جي ئي هوندي، اپوزيشن آزاد ڪشمير ۾ هارائيندي، مريم نواز جي اندر ۾ ڌرڻي جي خواهش تڙپي رهي آهي، تنهن ڪري هوءَ ۽ اپوزيشن ڌرڻي جي تياري جاري رکن.

هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ رينجرز ۽ ايف سي جا 7 هزار 200 جوان مقرر ڪيا ويندا، گڏوگڏ ضرورت پوڻ تي پاڪ فوج به تيار هوندي پر پولنگ آفيس ۾ فوج مقرر نه ڪئي ويندي، سول ادارن سان گڏ آرمي به فري اينڊ فيئر اليڪشن ۾ ڪردار ادا ڪندي، اسان سڀ چوندا آهيون ته چونڊن ۾ فوج نه هجي پر جيڪڏهن فوج پولنگ اسٽيشن ٻاهران نه هوندي ته ايجنٽ دٻا کڻي ويندا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي پر ڀارت سدائين پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، فيٽف ۾ به ڀارت پاڪستان لاءِ مسئلا پيدا ڪيا پر پاڪ فوج ۽ ادارن ڀارت جي سازشن کي ناڪام بڻايو.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي پر ڪراچي ۾ 40 لک ماڻهن جا غلط سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي ڳالهه درست ناهي، ان کانسواءِ ايف آءِ اي ڪراچي مان 39 ماڻهن کي معطل ڪيو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي ۾ 15-15 سالن کان مقرر ملازمن کي ٽرانسفر ڪري رهيا آهيون.

وفاقي وزير موجب ڪنهن جي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي درخواست ناهي آئي، مريم نواز ۽ شهباز شريف به درخواست ناهي ڏني، جڏهن ته ٽي ايل پي جي مستقبل جو فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.