قاضي احمد، بدين، ڌاٻيجي ۽ خيرپور جون خبرون

قاضي احمد: ايم پي اي علي حسن زرداري جي مان ۾ آجياڻو ،ريلي جي صورت ۾ آجيان

پيپلز پارٽي ميهڙ تعلقي ۾ ڪمن جو ڄار وڇايو آهي، پ پ اڳواڻ سردار غلام دستگير

بدين ۾ به چوماسي جو وسڪارو ،قرباني جي جانورن جي منڊين ۾ ٻاڙائي

ڌاٻيجي:جاتي واسي نوجوان جو پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو

خيرپور: گئس سلينڊر جي دڪان ۾ خوفناڪ ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي

پيپلزپارٽي تعلقي قاضي احمد ۽ پ پ يوٿ ونگ پاران ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو،  ان موقعي تي  خاص مهمان حاجي علي حسن زرداري ۽ سندس فرزند عاشق حسين زرداي جو پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ مختلف برادرين پاران آڌرڀاءُ ڪيو ويو،کين ريلي جي  صورت ۾ جلسي گاھ آندو ويو.جتي به آيل مھمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ,آجياڻي کي  خطاب ۾ پيپلزپارٽي تعلقي قاضي احمد جي صدر عبدالنبي جمالي چيو ته پ پ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي،سردار ڄام تماچي انڙ پڻ قاضي احمد جي تعلقا اسپتال ڊرينج سسٽم جي بحالي ۽ شاخن تي پاڻي چوري روڪرائن ۽ پڇڙي تائين پھچائڻ جا مطالبا رکيا. جلسي کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سنڌ جي چيئرمين غلام قادر چانڊيو غلام شاهه لغاري منصور لاکو پڻ خطاب ڪيو ،مھمان خاص طور خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي علي حسن زرداري چيو ته ھو ھتي پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حڪم تي ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ سندن مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ پھتو .

پ پ ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري سردار غلام دستگير خان ڳورڙ چيو آهي ته پ پ عوامي پارٽي آھي انشاء الله ايندڙ وقت شھيد بي بي بينظير ڀٽو جو بھادر نوجوان پٽ بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو وزير اعظم ٿيندو ملڪ خوشحال ٿيندو ميھڙ جي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ جي ڪوشش سان ميھڙ تعلقي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آھي پ پ مخالفن جون ننڍون حرام ٿي ويون آھن ، پ پ اڳواڻ غلام سرور کوسو جي ڏنل چانھه پارٽي ۾ پريس ڪلب ميهڙ  جي صحافين سان ڳالھائيندي سندس چوڻ هو ته  عمران نيازي ملڪ کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آھي پنج سئو سيڪڙو مھانگائي ڪري عوام کي فاڪا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي گورنر راڄ ڪڏھن به نه لڳندو .

سنڌ جي مختلف شهرن وانگر بدين ۾ به چوماسي  جو وسڪارو رات دير سان شروع ٿيڻ بعد وقفي وقفي سان جاري رھيو ، برسات سبب مختلف روٽن کان ڪچي جي علائقن مان ايندڙ گاڏيون رستا خراب ٿيڻ سبب پھچي نه سگھيون  برسات سبب شھر اندر قرباني لاء ايندڙ قائم ڪيل جانورن جون منڊيون  به خريدار نه ھجڻ سبب ٻاڙائي جو شڪار آهن ،  برسات سبب سارين جي نئين ٻيجاري ۽ پوکيل سارين کي فائدو پھتو ، جڏهن ته  ڪمند جو فصل به برسات بعد وڌيڪ سٺو ٿي رھيو آھي .

ڌاٻيجي جي علائقي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ۾ جاتي واسي 18 ورهين جو نوجوان زبيراحمد ولد امير بخش ٿهيم جو  جاتي واسي سيد برادري   اسماعيل شاھ  جي گهر مان پکي ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو ،  گهر مالڪن وارثن کي بغير ڪنهن اطلاع جي لاش پوليس کي ڏئي جاتي اباڻي ڳوٺ  روانو ڪري ڇڏيو ، ان موقعي تي زبير جي والد  امير بخش ٿهيم  الزام مڙھيندي چيو ته سندس پٽ کي بيگناھ سيد برادري جي ماڻھن ربنو شاه ،اسماعيل شاه .عباس شاھ قتل ڪيو آھي،  ٻئي پاسي قتل الزام هيٺ آيل ربنو شاھ ٻڌايو ته زبير احمد صبح فجر مهل اسان جي گهر ۾ چوري جي ارادي سان گهڙيو جنهن سوگهو ڪرڻ تان دل برداشته ٿي پکي ۾ رئو وجهي خودڪشي ڪئي آھي  رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڌاٻيجي غلام علي لاکو ٻڌايو ته وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون

خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي نم موڙ وٽ گئس سلينڊر جي دڪان ۾ خوفناڪ ڌماڪو  ٿيڻ سبب دڪان کي باه وڪڙي وئي، ڌماڪي سبب 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، باه سبب ويجهي مرغين جي دڪان  کي به باهه  وڪوڙي وئي، دڪان ۾ پيل گئس سلينڊر جي ڌماڪي سبب دڪان مالڪ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ دڪان مالڪ ارمان ڦلپوٽو،هاشم،غلام شبير شامل آهن، پوليس موجب زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.