”بجيٽ جا اثر عوام لاءِ ڪورونا جي چوٿين لهر کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن“

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت معاشي بحران سياسي ڏڦيڙ جو شڪار آهي جڏهن ته نئين وفاقي بجيٽ جا اثر عوام جي لاءِ ڪورونا جي چوٿين لهر کان وڌيڪ خطرناڪ آهن.

لاهور مان جاري بيان ۾ سراج الحق چيو ته آءِ ايم ايف جي مرضي ۽ حڪم ملڪ جي آزادي ۽ مستقبل کي خطرن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، نئين بجيٽ جي اثرن سان مهانگائي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي.

هن چيو ته حڪومت بيروزگاري، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جهڙين اذيتن جو حل ڪڍڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي ٿي، حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي عوام جي صدمي ۽ شرمندگي جي احساس کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.