ڪراچي ۾ چوماسيءَ جي پهرئين وسڪاري سان موسم خوشگوار ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ چوماسيءَ جي پهرئين وسڪاري موسم خوشگوار ڪري ڇڏي، گڏوگڏ عوام لاءِ ٽريفڪ جام ۽ بجلي جي اڻ هوند جا مسئلا به پيدا ٿي ويا.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ علي الفجر ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن دوران پي اي ايف بيس فيصل تي 16 ملي ميٽر، گلشن حديد ۽ سرجاڻي ۾ 15، ناظم آباد ۾ 11.2، لانڍي ۾ 11، جناح ٽرمينل ۾ 8، اولڊ ايئرپورٽ ۾ 3، ڪياماڙي ۾ 2، جڏهن ته مسرور بيس، يونيورسٽي روڊ ۽ پهلوان ڳوٺ جي ڀرپاسي هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

برسات سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا پڻ پيش آيا پر ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع ناهن.

هوڏانهن مينهن وسندي ئي شهر ۾ بجلي جي پهچ جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

ٻئي پاسي برسات جي ڪري شهر جي مختلف علائقن ۽ روڊن تي پاڻي گڏ ٿي ويو، جنهن سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته پاڻي جي نيڪاليءَ لاءِ سنڌ حڪومت انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.