پاڪستان ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.84 سيڪڙو ريڪارڊ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب 15 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 1808 نوان مريض به آڏو آيا.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 47015 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1808 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 15 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.84 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22597 ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 75 هزار 92 تائين پهچي چڪو آهي.

ان کان سواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 670 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب به ٿيا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وبا مان شفاياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 13 هزار 873 ٿي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 38622 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.