” ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ فوج کان مدد وٺي سگهجي ٿي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صحت بابت وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ فوج کان مدد گهري ورتي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ويڪسين ڪوويڊ سان مقابلو جي بهترين اسٽريجي آهي، پابنديون ۽ ماسڪ پنهنجي جاءِ تي پر ويڪسين ضروري آهي.

هن چيو ته ڪووڊ ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، موجوده قدمن ۽ ڪورونا پابندين تي عملدرآمد ضروري آهي جڏهن ته ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ فوج کان مدد گهري ورتي آهي.

ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ويڪسين جي چڱي مقدار موجود آهي، ويڪسين هڻائي سياحت تي وڃي سگهجي ٿو ان ڪري عيد جي موڪلن ۾ سياحت جي لاءِ ويڪسين نيشن جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي، رڳو انهن ماڻهن کي سياحت جي اجازت ڏينداسين جن ويڪسين لڳرائي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.