لاڙڪاڻي ۾ سويرا شاهه زيادتي واقعو، ايس ايس پي نوٽيس ورتو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد ٿاڻي جي حد ۾ ناري بي بي سويره شاهه کي سندس ئي ماسات علي رضا عرف مور شاهه پاران مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او الهه آباد کي هدايت ڪئي آهي ته جلد کان جلد واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي جي هدايتن تي ناري سويره شاهه جي ڀاءُ پرويز علي شاهه جي فرياد تي حد جي الهه آباد ٿاڻي تي گناهه نمبر 2021/34 قلم 376، 506/2 تحت اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ گلشن مدينه ڪالوني سميت مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا پر هو هٿ نه اچي سگهيو جنهن کي تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن ناري سويره شاهه لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي آهي ته علي رضا عرف مور شاهه کي گرفتار ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.