پکو واسي نوجوان ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

پکو(ن ع آ) پکو واسي پورھيت نوجوان ڪراچي ۾ بجلي جي تارن ۾ وچڙي فوت ٿي ويو ان ڏس ۾ پکو واسي 38 ورھين جو نوجوان محمد حسين پُٽ ڪوڪلو خان راجپوت ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ جڳھ تي رازڪو ڪم ڪندي بجلي جي تارن ۾ وچڙي ويو ۽ جسم کي باھ وڪوڙي وئي اھڙي طرح سڙيل نوجوان کي برنس اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر طرفان نوجوان جو جسم 80 سيڪڙو سڙڻ ڪري ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتي نوجوان فوت ٿي ويو اھڙي طرح اطلاع ملڻ تي وارثن ۾ قھرام مچي ويو  ان حوالي سان فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان  محمد حسين ميئو راجپوت ڪراچي ۾ 20 ورھين کان رازڪو ڪم ڪندو ھو جنھن کي گذريل ڏينھن ڪم ڪندي بجلي جي تارن مان باھ وڪوڙي وئي ۽ ھن جو اڌ جسم سڙي چڪو ھو ۽ اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.