سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ٻارن ۽ نياڻين سان لڄالٽ جي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي۔ عورتن ۽ اقليتن سان ناانصافين جا واقعا وڌي ويا آھن۔ انصاف جي حڪمراني نہ ھجڻ، لاقانونيت ۽ جرڳائي نظام جي ڪري ڪمزور ماڻھو استحصال جو شڪار آھن۔ پوليس ۾ ڪرپشن سبب غريب ماڻھن لاء انصاف جا دروازا بند پيل آھن۔ بدامني وڌي وئي آھي۔ روز ماڻھو اغوا، ڦر، چوريون ۽ قتل ٿي رھيا آھن۔ سنڌ حڪومت کي ڪرپشن ۽ مخالفن خلاف انتقام کان فرست ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪب آباد، ڪشمور، خيرپور، گھوٽڪي ۽ ٻين علائقن ۾ ڏوھاري ٻيھر مضبوط ٿي ويا آھن۔ ماڻھن جو اغوا معمول بنجي ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس ۾ سياسي مداخلت آھي۔ پوليس کي آزادي سان ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي۔ رشوت ۽سفارش تحت مقرر پوليس ۾ انصاف ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ نوڪريون وڪرو ٿي رھيون آھن۔ ميريٽ ختم ٿي وئي آھي۔ شفافيت کي قتل ڪيو ويو آھي۔ سرڪار جو ھر کاتو ڪرپشن ۾ ھڪٻئي کان گوء کڻي رھيو آھي۔ تعليم کاتي، ايريگيشن، فشريز، روينيو، بلديات سميت جنھن ڊپارٽمينٽ کي کڻبو تہ اتي تباھي ئي تباھي آھي۔ صحت کاتو بہ ڪرپشن جي بيماري ۾ جڪڙيل آھي۔ انڪري ماڻھو عام ماڻھو صحت، تعليم، صاف پاڻي ۽ ٻين بنيادي انساني حقن کان محروم آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.