راضيديري ۾ ڪوڙا نوٽ ڏيندڙ ٺڳ گرفتار

راضيديرو (ن ع آ) راضيديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ جعلي نوٽ دڪاندارن کي ڏيندڙ  مبينا ٺڳ پڪڙجي پيو. پوليس حوالي. تفصيل موجب راضيديرو ۽ ڀرپاسي اڳڙا ۾ جعلي نوٽ ڏيندڙ مبينا ٺڳ  زبير علي شاه دڪاندارن هٿان پڪڙجي پيو.  دڪاندارن جعلي نوٽن سميت ٺڳ کي اڳڙا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته زبير علي شاه پاڻ کي سوڀودير شهر جو رهواسي ٻڌائي پيو سندس چوڻ  آهي ته هو مال جو واپاري آهي کيس به جعلي نوٽ لڳي ويا آهن.  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اڳڙا ايس ايڇ او اختيار منڱريو ٻڌايو ته زبير علي شاه خلاف وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ثابت ٿيڻ تي سندس خلاف  ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.