نوشهري فيروز لڳ 4 ڄڻن جا قاتل آزاد، وارث پريشان

نوشھرو فيروز (ڊ ر) نيشنل پريس ڪلب جي ٽيم شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ جا مسئلا جي عنوان ھيٺ پروگرام لاء صدرنيشنل پريس  ڪلب ايم ظفر تڳر۔ مولا بخش مشوري ۔اسد عمراڻي ۔عادل عباسي ۔ثناء الله عباسي سان گڏ  ڳوٺ حسين  بخش وڳڻ ۾ پھتي جتي ھفتو اڳ قتل ٿيل 4 ڄڻن جي وارثن  سان دعا گھري ان موقعي تي مقتولن جي وارثن  ۔الھ رکيو عرف ڪالو وڳڻ معشوق وڳڻ شعبان علي وڳڻ نيشنل پريس ڪلب جي  ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته بي گناه اسان جا چار جوان  مري برادري ماڻھن  شھيد ڪيا آھن  ھفتو گذري ويو آ ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي پوليس قاتلن سان ٻٽ بڻيل آھي ھن مھل تائين ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه ڪيو  آھي  ھيڏي دھشدگردي ٿي آ ڪو به ضلع جو سياسي اڳواڻ يا چونڊيل نمائندو اسان وٽ لڙي نه آيو آ  نوشھرو ضلع تي ٿافيل ايس ايس پي الطاف لغاري به تڏي تي لڙي نه آيو آ قاتل سري عام گھمن پيا فيس بڪ استعمال پيا ڪن  اوزار کنيون سري عام گھمن پيا فيس بڪ تي ڌمڪيون پيا ڏين پوليس لکين روپيا وٺي خاموش تماشائي بڻيل آھي پوليس ھتان جي وڏيرن جي ڪمداري پئي ڪري اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي اسان پڙھيل لکيل امن پسند آھيون اسان جو ڪو به زمين جو معاملو نه آھي 20 سال زمين جو معملو پراڻو ھل ٿيل آھي ڪورٽ سڳوري به اسان کي زمين  ڏني ھئي بنا جواز اسان جا جوان  شھيد ڪيا ويا آھن وري ڌمڪيون به ملن ٿيون جيڪڏھن ايس ايس پي جلد قاتل  گرفتار نه ڪيا ته وڏي خونريزي ٿي سگھي ٿي ان جي ذميواري ايس ايس پي نوشھرو فيروز ۽ ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ جي ھوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.