ميهڙ ۾ هٿياربندن جي ڦرلٽ، مزاحمت تي 3 ڄڻا زخمي

ميهڙ (ت ر) ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ منگواڻي ڀرسان نامعلوم ھٿياربند ڦورن پاران ھڪ ئي ھنڌان 2 موٽرسائيڪلون، موبائیل فون ء ھزارین روپیا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن تہ مزاحمت ڪرڻ تي ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ منگواڻي ڀرسان 3 نامعلوم ھٿياربند ڦورن پاران ون ٽو فائیو موٽر سائيڪل سوار ٻن ڄڻن نادر کوسو ء اڪرم کوسو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪرڻ بعد موٽر سائیڪل، ھزارين روپيا روڪ رقم، موبائيل فونون آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف منگواڻي لنڪ تي سڏ پنڌ تي نامعلوم ھٿياربند ڦورن پاران معصوم ٻارڙي کي ميھڙ اسپتال مان علاج وٺي واپس ڳوٺ ويندڙ الطاف عرف جبل چانڊيو کان سي ڊي موٽر سائیڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  مزاحمت ڪرڻ تي موٽر سائیڪل سوار سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت م اسپتال منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاع تائین واقعي جو ڪو بہ ڪيس داخل نہ ٿيو ء نہ ئي پوليس ڪو جوابدار گرفتار ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.