الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي پڪڙيو وڃي:قادر مگسي

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ترقي پسند سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي الطاف جسڪاڻي جي يادگار تي پهچي پرچم ڪشائي ڪئي الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء ڪارڪنن پاران نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس الطاف جسڪاڻي جي ڪيس جي مک جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي جنهن جي ڪري ايس ٽي پي ٽنڊوالهيار پاران 15 تاريخ تي ميرپورخاص ڪراچي شاهراه تي الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي هن چيو ته پوليس الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۾ سستي ڪري رهي آهي پوليس جا آفيسر اسان سان رابطي ۾ آهن ، پر قاتلن جي گرفتاري لاء واضع پاليسي سامهون نه اچي سگهي آهي الطاف جسڪاڻي جي شهادت کي هفتا نه پر هاڻ مهينا گذري ويا آهن پر قاتل گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن الطاف جسڪاڻي ڪيس ۾ ڪجهه جوابدار جيل ۾ آهن پر مک جوابدار اڃان تائين آزاد گهمي رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌين جو مادر وطن آھن جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ملڪ رياض بجا اسان تي ڪيس داخل ٿيا ملڪ رياض پنهنجا سامان کڻي لاھور واپسي وڃي ڪراچي جا قديمي ڳوٺ بحال ڪيا وڃن ڳوٺن کي بلڊوز ڪرڻ جو عمل روڪيو وڃي اسان کي ڪو به ڪيس ڊيڄاري نٿو سگھي اسان جي جدوجھد جاري رھندي جڏهن ته ڊاڪٽر قادر مگسي پرچم ڪشائي بعد ايڪشن ڪميٽي جي پروگرام ۾ شرڪت لاء ميرپورخاص روانو ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.