ڪلوئي ڀرسان نوجوان گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي ڇڏيو

ڪلوئي )ت ر) ڪلوئي ويجهو ڳوٺ اوطاق ارباب پير بخش لڳ 20 سالن جي شادي شده نوجوان ھيمن ڪولهي گهرو اڻبڻت سبب مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي ٿوري ڳالھ تان گهر وارن سان منهن ماري ٿي هئي ڪاوڙ تي قابو نه ڪري سگهيو ۽ گهر جي پاسي ۽ بيٺل ديوي جي وڻ ۾ ڦاهي کائي مبينا خودڪشي ڪئي آهي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال ڏيپلو موڪلي ڇڏيو آهي، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.