نندو لڳ روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

نندو ( ن ع آ) نندو لڳ لنواري روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل جو ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪنٽرول مان نڪري ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو ڳوٺ دين محمد مهراڻپوٽو جو رهواسي 36 سالا نوجوان محمد جمن مهراڻپوٽو فوت ٿئي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو ظهير حسين ملاح شديد زخمي ٿئي پيو جنهن کي نندو رورل هيلٿ سينٽر آنڌو ويو جتي کين طبعي امداد ڏيڻ بعد انڊس اسپتال بدين نيو ويو ،جڏهن ته فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.